پانڌي خان لغاري اول

پانڌي خان لغاري (اول ):ڪلهوڙن جي زماني ۾ ڪاڇي اندر هيءُ پنهنجي برادريءَ جو سردار، طاقتور ۽ وڏو تلوار باز هو. ايتري تائين جو ميان نصير محمد ڪلهوڙي جي زماني ۾ هن ڪاڇي ۾ پنهنجي هٿ هيٺ هڪ عبوري حڪومت قائم ڪئي ۽ ڪاڇي جي ڏاکڻين حصي ۾ پنهنجي ۽ گاجي خان جي حمايتي کوسن کي واهيءَ ۾ وڏي تعداد ۾آباد ڪيو. جنهن جي پويان هن کي ميان نصير محمد جي حمايت حاصل هئي. واهي اصل ۾ تڏهن ماڇين جو ڳوٺ هو. جتي پهرين چنا ذات وارا آباد هئا. جيڪو ڳوٺ خان اوزبڪ'>شمشير خان اوزبڪ ماڇين کان کسي پنهورن جي حوالي ڪيو هو. جنهن تان ميان نصير، پانڌي خان هٿان پنهورن کي تڙائي هتي گاجي شاهه جي کوسن کي آباد ڪرائي هتي هڪ قلعو به تعمير ڪرايو هو. پر اڳتي هلي انهن ئي کوسن منجهان گاجي شاه جي مخالف کوسن جي سازباز ۽ شورش شروع ڪئي ۽ پانڌي خان (اول)، ميان نصير جي هدايت تي دلو کوسي کي قتل ڪري پاڻ اتي رهائش اختيار ڪئي. جنهن تان ئي هن وسنديءَ تي ’واهي پانڌي‘ نالو پيو، جيڪو هينئر تائين قائم آهي. تنهن وقت ۾ ڪاڇي اندر بروهين جي حملن کي روڪڻ، ڪاڇي جي لڪن کي سنڀالڻ جو ڪم هن جوڌي جي حوالي هو. هن بهادريءَ سان اها ذميواري نڀائي ۽ نيٺ ميان نور محمد جي زماني ۾ وفات ڪري ويو. ڪلهوڙن، ٽالپرن ۽ انگريزن پانڌي خان جي پوئينرن کي اعزازي طور زمينون پڻ منظور ڪري ڏنيون. ڪلهوڙن جو هيءُ سپهه سالار واهي پانڌي جي اولهه ۾ دلو واري قبرستان ۾ دفن ٿيل آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو